Tuesday 10 June 2014

ڪوتانگر (هرچند ساگر)



غزل


هرچند ساگر


پرين موڪلايو پئي وڏو حادثو هو،
نه ئي موت آيو وڏو حادثو هو،


اسان کي پتو هو اسان جو تون ناهين،
اسان پئي نڀايو وڏو حادثو هو،


پرهه جا مسافر ٿڪي سڀ سمهي پيا،
اسان پوءِ به ڳايو وڏو حادثو هو


چيائين مٽي جي مرياڌا بچائي،
اسان ڇا بچايو وڏو حادثو هو،

ڏياٽيون ٻريون ۽ ڏياري به وئي،
سڪون ڪونه آيو وڏو حادثو هو.

ڪوتانگر (وفا محمود نهڙيو)

غزل
وفا محمود نهڙيو
انتظاريءَ ۾  جلندي گذري هر گهڙي وئي،
نه آيو هو الئه ڇو  رات به لڙي وئي،
تنهنجون چاهتون هيون ٻئي ڪنهن جي ڀاڳ جي،
منهنجي ته خوابن جي دنيا آ اجڙي وئي،
مليون توکان جي محبتون ساهه سان سانڍي رکندس،
ڏجي ڏوهه ڪنهن تي پنهنجي قسمت ٿي اهڙي وئي،
اکين کي اکين سان ملڻ جي هئي آس،
ڏسي نفرت هن جي نيڻن ۾  هر آس سڙي وئي،
هن پل ۾ ته هاڻي حسرتون رهجي ويون،

سڀ سلسلا ٽوڙي هوءَ بي وڙي وئي.

ڪوتانگر (هاشم هنڱورجو)

نثري نظم
هاشم هنڱورجو
وري ياد آيا ڏينهن پيارا،
گڏ گذاريا جيڪي پهر پاڻ پيارا،
هيل جڏهن بارش پٽن تي پئي آ،
ٿي ياد تنهنجي لوڻ ڦٽن تي پئي آ،
ڪري پيارا پيا لڙڪ اکين مان،
ڪري لامارا،
سري نه ٿي توکان سواءِ گهڙي ساعت،
جلي آ چڻنگ چاهت،
جي نه ٿي وسي خدارا،
تون ته آهين خوش پنهنجي ديس ۾،
ڪير آ “هنڱورجي پرديس ۾

ڪوتانگر (نوڪر علي ڪانهر)


غزل
نوڪر علي ڪانهر
اڄ جو ڏس هي انسان،
ناهي رهيو جنهن ۾ ايمان،
حڪم الله جي کي نٿو مڃي،
ٿي ويو آهي هُو شيطان،
ڏينهن سڄو ڪوڙ ڳالهائي،
پوءِ به ناهي پشيمان.
وساري ويٺو آ آخرت،
ٿي ويو آ هو نافرمان

ڪوتانگر (نظام سمون)

غزل
نظام سمون
اسان جون ته آهن اوهان کي صدائون،
ملن موٽ ۾ ٿيون اسان کي سزائون،
اسان يار هيڻا هجت ڪيئن ڪريون بس،
ڪريون ٿا عرض هي ٻڌي ٻئي ٻانهون،
شڪاري کي احساس ڪڏهن ايندو آهي،
ڪري قياس هو ڀي ڇڏي ٿو جفائون،
ڏئي کوڙ ڳوڙها ماٺو ڪري ويون،
اُتر جون هي  سائين ڪي ٿڌڙيون هوائون،
سموري دنيا ۾ مٺا روئي روئي،
”سمون“ بس اوهانجون ڪندو آ پڇائون

ڪوتانگر (نجم ناز)

غزل
نجم ناز نهڙي
تو جي کوليا وار اڱڻ ۾،
خوشبوءِ ڪئي نچڪار اڱڻ ۾،
ڪنهن جي ڪاڻ اکيون جلائي،
پئي واهين نار اڱڻ ۾،
سپنن ۾ ئي آس اسان جي،
پهتي آ هن پار اڱڻ ۾،
ميڙي سيڙي پنهنجون سارون،
اڇلين ٿي هر بار اڱڻ ۾،
تنهنجا خط ۽ تحفا چمندي،
سهڪي پئي ڪا سار اڱڻ ۾،
ڳوٺ سڄي کي خوشبوءِ ويڙهيو،

“ناز” ڦِٽا ڪي پيار اڱڻ ۾.